رندي دڙو

رندي دڙو (Rindi Mound): ٻڌ ۽ اسلامي ثقافتن وارين وٿن سان ڀريل هيءُ دڙو بولان لڪ جي مُنهن وٽ، ڍاڍر کان 4 ڪلوميٽر اولهه ۾، بولان نديءَ جي اڀرندي ڪناري تي واقع آهي. مٽيءَ جو هي دڙو 500 فوٽ ڊگهو ۽ 200 فوٽ ويڪرو آهي. هي دڙو ٻن اڻ برابر حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو ڏکڻ پاسي آهي، جيڪو 46 فٽ ۽ اتر وارو حصو 26 فٽ اوچو آهي. گهڻو حصو نديءَ جي کاڌ سبب لڙهي ويو آهي. اتر واري دڙي وٽ ڪنهن ڪچيءَ عمارت جي بنياد جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ان جي چوڌاري روغني سرون (Tiles) ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ ملن ٿيون، چئي سگهجي ٿو ته هي عمارت جي مهاڙيءَ ۾ لڳل هونديون. ٿورڙو اڳتي هڪ مقبرو نظر ايندو، جيڪو مغلن جي دور جو لڳي ٿو. ان ۾ سنهيون سرون استعمال ٿيل آهن. روغني سرن جا به بنياد وٽ ڪجهه نمونا ملن ٿا. هن وقت هن مقبري جا باقي وڃي بنياد بچيا آهن. هي دڙو مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي.
دڙي تان لڌل ٺڪراٺو ڳاڙهي رنگ جو آهي، جيڪو ڳرو ۽ بي ڊولو آهي؛ ان تي کرچيل نقش ملن ٿا. ان قسم جو ٺڪراٺو گهڻي ڀاڱي ٻوڌي دور جو ليکيو وڃي ٿو. هتان هٿيار ۽ نيسارا چڱي تعداد ۾ ملن ٿا، جيڪي ساساني دور جي نشاندهي ڪن ٿا. اتر واري دڙي تان روغني ٺڪراٺو، اسلامي دور جو ڏس پتو ٻڌائي ٿو. اولهه پاسي دڙي کي ندي گهڻو کائي وئي آهي.
هيءُ ماڳ گهڻو تڻو ٻڌي دور سان لاڳاپو رکي ٿو. ڪجهه عرصو مسلمان به اتي رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو